رائن درياهه

رائن درياهه

رائن درياهه

رائن درياهه (Rhine River): هي درياهه يورپ جي مرڪزي ۽ اهم درياهن مان اوڀر سوئٽزرلينڊ مان نڪري اوڀارين ۽ اترئين پاسي وهندو آسٽريليا، فرانس، جرمني ۽ نيڌرلينڊس مان گذرندو اترئين سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. هن درياهه جي ڪل ڊيگهه 1300 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ آهي ۽ هي 2,20,000 چورس ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ايراضي سيراب ڪري ٿو. واپار جي سامان ۽ مسافرن جي اچ وڃ جي ڪري رائن درياهه دنيا جي اهم ترين واپاري درياهي گذرگاهن مان هڪ آهي. هن درياهه رومن دؤر کان وٺي هاڻوڪي دؤر تائين يورپ جي تاريخ، ثقافت ۽ معيشت تي گھرا اثر ڇڏيا آهن.


لفظ رائن درياههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو